ديس بديس

ديس بديس

ديس بديس

ديس بديس (ڪتاب): هي ڪتاب نامور ليکڪ ۽ سياح عبدالحئي پليجي جو سفرنامو آهي. هن سفرنامي ۾ عبدالحئي پليجي قديم ۽ جديد هندستان جي ڀيٽ ڪري سفرنامي کي وڌيڪ دلچسپ پيش ڪيو آهي. هند ۾ آباد سنڌين پاران ’سنڌيت‘ کي سلامت رکڻ واري جذبي ۽ اتان جي سماج ۾ ڪيل فلاحي ڪمن جو به تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. گڏوگڏ سنڌين جي قائم ڪيل ڪالونين ۽ ڪاليجن جو به اتساهه سان ذڪر ڪيو ويو آهي. سفرنامي جو مهاڳ نامور ترقي پسند ليکڪ اي. جي. اتم لکيو آهي، جنهن هن سفرنامي کي ’سنڌيت جي سرهاڻ جو سفرنامو‘ سڏيو آهي. ’ٻه ٽي ڳالهيون‘ عنوان هيٺ ليکڪ جي دوست غلام حسين رنگريز تفصيلي پيش لفظ لکيو آهي. ڊيمي سائيز جي 152 صفحن تي مشتمل هي سفرنامو، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1999ع ۾ ڇپايو آهي ۽ ان جي قيمت ڪچي جلد سان 70 روپيا ۽ پڪي جلد سان 100 روپيا آهي.


لفظ ديس بديسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو